مڪاني چونڊن کان فرار نه پيا ٿيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين: سعيد غني

0
235
مڪاني چونڊن کان فرار نه پيا ٿيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين: سعيد غني
مڪاني چونڊن کان فرار نه پيا ٿيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين: سعيد غني

ڪراچي:صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهي ٿي، چئن ڊويزنز ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، يقين آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻينداسين

صوبائي وزير سعيد غني سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏني آهي، اُميد ته چونڊون ٿي وينديون


سعيد غني جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ وٽ اميدوار ئي ناهن، سندن جيڪا حالت آهي، اُها نظر اچي پئي، فوج جو سياست کان پري رهڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا

ھي به پڙھندا

پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس: اڄ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ٿيندو