مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي جا نتيجا ڪهڙا اچي سگهن ٿا؟

0
206
مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي جا نتيجا ڪهڙا اچي سگهن ٿا؟

    سنڌ جي چار ڊويزنن جي 14 ضلعن اندر مڪاني ادارن جي پھرين مرحلي جي 6 ھزار 277 سيٽن تي چونڊ آچر ڏهاڙي اڄ ٿي رھي آھي جنھن ۾ ڪائونسلر ، ضلعي ڪائونسل ميمبر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ٿيندي.  انھن چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ تقريبان ھر سيٽ تي پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجا اميدوار بيھاريا آهن. ٻئي نمبر تي جمعيت علماءِ اسلام ( ف ) 2 ھزار 231 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي جنهن مان جمعيت جا سنڌ جي چئن ضلعن ڪنڌڪوٽ ڪشمور جيڪب آباد شڪارپور قمبر شهدادڪوٽ مان 47 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن . جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا 935 اميدوار پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن . پاڪستان پيپلز پارٽي کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڌيڪ اميدوار جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٽئين نمبر تي جي ڊي اي /مسلم ليگ فنڪشنل پنھنجا اميدوار بيھاريا آهن . سنڌ جي قومپرست جماعتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 256 بيھاريا آهن ان کان سواءِ قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو،عوامي تحريڪ،پ پ شھيد ڀٽو،پي ٽي آءِ، مسلم ليگ نواز عوامي ورڪرس پارٽي،تحريڪ لبيڪ پاڪستان، جماعت اسلامي،۽ نيشنل پيپلز پارٽي، مرتضيٰ جتوئي گروپ پڻ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آھن.  سنڌ جي قومپرست پارٽين ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي،قادر مگسي واحد پارٽي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ اڃا تائين رجسٽرڊ نه ھئڻ ڪري آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي. ھن  بلدياتي اليڪشن ۾ ھميشھ جيان  پاڪستان  پيپلز پارٽي ۽ پ پ مخالفن جو مقابلو آهي.

6 سالن کان پوءِ ٿيندڙ سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جا نتيجا سنڌ ۾ متوقع متبادل واري خواهش ۽ حقيقت جو تعين ڪندا ڇاڪاڻ ته گذريل 2013ع ۽ 2018ع جي قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن تي ۽ پوئين 2016ع جي بلدياتي  اليڪشن دوران متبادل جو وڏو بحث هليو هو.  اچو ته اڄ ٿيندڙ 14 ضلعن ۾ اليڪشن جي چونڊ جي امڪاني نتيجن جو جائزو وٺون ته اھي نتيجا ڪھڙا ۽ ڪيئن اچي سگھن ٿا. سنڌ جي اتر واري پهرين ضلعي جيڪب آباد ۾ 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي ھڪ ئي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي محمد ميان سومرو ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي جيڪب آباد ضلعي جي 44 يونين ڪاؤنسل تي ڏسجي ته ھن  بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيتري قدر ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. ياد رهي ته ڪراچي کان پوءِ جيڪب آباد  جو واحد قومي اسيمبليءَ جو تڪ ھو جتان پاڪستان تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. شڪارپور ضلعي مان مسلم ليگ فنڪشنل، جي ڊي اي جي اميدوار غوث بخش مهر قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. غوث بخش مهر پنهنجي علائقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط ترين حريف رهيو آهي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۽ ضلعي شڪارپور جي چيئرمين شپ تي ھي خاندان پڻ ڪامياب ٿيندو رھيو آھي. لکي تعلقي جي ھن مھر خاندان لاءِ به ھي بلدياتي اليڪشن ڪنھن امتحان کان گھٽ ناهي پنھنجي قومي اسيمبليءَ واري تڪ ۾ پنھنجي يونين ڪاؤنسلن مان ڪيترن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگھن ٿا يا ضلعي شڪارپور جي چيئرمين شپ تان ٻاھر نڪري ويندا اھو به آچر ڏينھن واري چونڊ ۾ ظاھر ٿي ويندو.

گھوٽڪي ضلعي ۾ اصل مقابلو مھر برادران جي وچ ۾ آهي راجا خان مھر بمقابله سندن سؤٽ آهي جيڪو پڻ دلچسپ مقابلو ثابت ٿيندو ته ضلعي جي  چيئرمين شپ ڪنھن کي ٿي نصيب ٿي. ان کانسواءءِگھوٽڪي شھر ۾ ڪاميابي ڪھڙي پارٽي کي ٿيندي جڏهن ته گھوٽڪي ضلعي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ڄام عبدالفتاح سميجو پڻ ڀرچونڊي جي پير ميان مٺي  سان گڏ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقابلو لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جمعيت علماءِ اسلام، جيئي سنڌقومي محاذ(صنعان خان قريشي) پي ٽي آءِ،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس گڏيل طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪري رهيا آهن تنھن ڪري ڏسجي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جو مضبوط مخالف اتحاد ڪيترن يونين ڪاؤنسلن تي ۽ ٽائون ڪميٽيءَ تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. خيرپور ضلعي ۾ پير جو ڳوٺ گمبٽ فيض گنج تعلقي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ مقابلو ڪري رهي آهي. پير جو ڳوٺ شھر ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آھن جڏھن ته ڪوٽڏيجي شهر ۾ پوئين بلدياتي اليڪشن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل کٽيو هو ان ڪري ھن دفعي ڪوٽڏيجي شهر ۾ پڻ سخت مقابلو آهي ڏسجي ته ان مقابلي ۾ فنڪشنل ليگ ڪاميابي حاصل ڪري ٿي يا وري پيپلز پارٽي سوڀ ٿي ماڻي. نوشهرو فيروز ضلعي ۾ مقابلي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نيشنل پيپلز پارٽي مرتضي جتوئي گروپ ۽  ڪنڊياري جي مشهور بزرگ سياستدان سيد ظفر علي شاھه جي وچ ۾ آهي.

پوئين دفعي بلدياتي اليڪشن ۾ محراب پور شھر جو چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي جو ٿيو ھو ياد رهي ته محراب پور شھر ۾ پنجابي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آباد آهي نوان جتوئي جي جتوئي خاندان جي لاءِ ھي بلدياتي اليڪشن پڻ وڏو امتحان آهي ڇو ته جتوئي خاندان سوا سؤ سالن  کان ضلعي اندر سياست ڪندو اچي پيو جيڪو ھاڻي تيزيءَ سان سياسي طور سوڙھو ٿي رهيو آهي. نواب شاھه ضلعو جيڪو آصف علي زرداري جو اباڻو ضلعو آهي جتي سندس مضبوط سياسي حريف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو زين شاھه آھي جيڪو سڪرنڊ ۽ قاضي احمد تعلقن  تي وڌيڪ  سرگرم نظر اچي رهيو آهي.  جيتوڻيڪ سندس پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو ووٽ گھٽ پر ذاتي اثر رسوخ ۽ پوري ضلعي ۾ پيپلز پارٽي مخالف ووٽ تي سياست ڪندو رهيو آهي. سيد زين شاھه جو صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جو تڪ سڪرنڊ ۽  قاضي احمد رھيا آھن. زين شاھه جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ چئلينج سندس اباڻي يونين ڪاؤنسل مجيد ڪيريو آهي جتي چيئرمين وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل جي  ميمبرشپ ۽ ڪانونسلرن کي ڪامياب ڪرائڻ اھم ھوندو، ان کان سواءِ قاضي احمد تعلقي جي يونين ڪاؤنسل سعيد ڪنڊو اھم آھي جتي ڪجهھ مھينا پھرين ڀنڊ برادري جي  پنجن  ڄڻن کي مخالفن قتل ڪيو ھو زين شاھه بروقت پھچي اتان جي ماڻهن جي نه رڳو واھر ڪئي ھئي پر کين فيصلي جي ذريعي زرعي زمين پڻ واپس ڏياري ھئي ۽ جوابدارن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ٿيا ھئا.

يونين ڪاؤنسل سعيد ڪنڊو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنھنجو پورو پينل بيھاريو آهي ڏسجي ته اھا يونين ڪاؤنسل زين شاھه کي فتح ڏياري سگھي ٿي يا نه؟ ان کان سواءِ سڪرنڊ شهر جي ٽائون ڪميٽي جي 15 وارڊن تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو گڏيل اتحاد جنھن ۾ پي ٽي آءِ، جي ڊي اي مسلم ليگ نواز پ پ شھيد ڀٽو ۽ قومپرست پارٽين جي ڪجهھ حمايتي ڌڙن واري اتحاد کي ڪيتري ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي جيڪو پڻ دلچسپ مقابلو آهي پر حقيقت ۾ ھتي پيپلز پارٽي وڏي مضبوطي سان ميدان تي لٿل آھي. جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام ف سڪرنڊ تعلقي جي ڪافي سيٽن تي پڻ مقابلو ڪري رهي آهي. نواب شاھه شھر ۾ پڻ ھن دفعي پيپلز پارٽي جو مقابلو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ٿي  رهيو آهي پر ھن دفعي اليڪشن ۾ سندن پوزيشن انتھائي ڪمزور نظر اچي رهي آهي.  ضلعو سانگهڙ جيڪو ھاڻي فنڪشنل مسلم ليگ جو نه رھيو آھي جتي پوئين عام اليڪشن ۾  ٽنھي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن سميت چارصوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن تي پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي آچر  واري اليڪشن ۾ سڀ کان دلچسپ مقابلو سانگھڙ ميونسپل ڪميٽي تي ٿي رهيو آهي ڇا ڪاڻ ته پوئين دفعي ھي چيئرمين شپ مسلم ليگ فنڪشنل وٽ ھئي ھاڻي ڏسجي ته اھا چيئرمين شپ مسلم ليگ فنڪشنل کي واپس ملي ٿي يا پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ٿي.

ضلعي مٺي ۾ پڻ سموري سنڌ جون نظرون آھن، ڏسڻو اهو آهي ته ھن بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ارباب غلام رحيم گروپ کي ڪيترن يونين ڪاؤنسلن تي ڪاميابي ملي سگهي ٿي. اھڙي طرح عمر ڪوٽ، سکر، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن مضبوط ٻڌائي وڃي ٿي ضلعي ميرپور خاص ۾ 2018ع جي اليڪشن ۾ سموري سنڌ مان واحد قومي اسيمبليءَ جو آزاد اميدوار طور ڪاميابي حاصل ڪندڙ سيد علي نواز شاھه ھو سندس حلقي ۾ پيپلز پارٽي سان مقابلو آهي، ڏسجي ته ھو آزاد حيثيت ۾ پنھنجي تڪ جي ڪيترن يونين ڪاؤنسلن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته مير پور خاص شھر ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ مقابلي جا امڪان آهن ماضيءَ ۾ سدائين مير پور خاص شھر جي چيئرمين شپ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪامياب ٿيندي رهي آهي ڏسجي ته ھن دفعي ھي سيٽ ڪنھن جي حصي ۾ اچي ٿي.  سنڌ ۾ ھن دفعي 14 ضلعن ۾ تقريبن 27 ھزار اميدوار حصو وٺي رهيا آهن ھن دفعي ڪجھه آزاد اميدوار وڌيڪ ميدان تي لٿل آهن.  قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي نصيرآباد ٽائون ڪميٽي جي وارڊ تي ڪامريڊ فوزيه سينگار عوامي ورڪرز پارٽي جي طرفان اميدوار طور بيٺل آهي.

ان کان علاوه ضلعي نوشهرو فيروز شھر مان ماھه نور شيخ جوھي مان ڪامريڊ قربان کوکر ٽائون ڪميٽي ھـنڱورنو جي ڪائونسلري جي سيٽ تان رخسانا شر  پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان مقابلو ڪري رهي آهي جنهن جو مقابلو جمعيت علماءِ اسلام ف ۽ جي ڊي اي اميدوارن سان آهي. ھن دفعي پيپلز پارٽي نوجوانن، پارٽي جي نظرياتي ورڪرن توڙي مڊل ڪلاس طبقي جي ماڻهن کي وڌيڪ سيٽن تي بيھاريو آهي سنڌ جي قومپرست پارٽين سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مجموعي طور تي سيڪڙو اميدوار بيھاريا آهن. ھن بلدياتي اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم سيٽ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ آهي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ضلعي چيئرمين شپ تي چونڊ ٿيندي. ضلعي چيئرمين شپ جي چونڊ لاءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ ضروري آهي.  اھڙي طرح ٽائون ڪميٽي ميونسپل ڪميٽي توڙي ميئر ٿيڻ لاءِ پھرين ڪائونسلر ٿيڻ ضروري آهي ان ڪري ھي بلدياتي اليڪشن نه رڳو دلچسپ آهي پر آچر  واري ڏينهن ڪائونسلر شپ تي جيڪي ماڻھو ڪاميابي حاصل ڪندا  اڳتي هلي ضلعي ڪائونسل چيئرمين ميئر ۽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين لاءِ اميدوار هوندا. دلچسپ ڳالھه ته سنڌ جي ڪنھن به قومپرست پارٽيءَ جي اڳواڻ ذاتي طور ھن اليڪشن ۾ حصو نه ورتو آهي.

ياد رهي ته ھي اليڪشن ظاهر ڪندي ته ڇا سنڌ جو ماڻھو پيپلز پارٽي جو متبادل چاھي ٿو؟ سمجھون ٿا ته قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي متبادل آڻڻ اڃا سنڌ ۾ ڏکيو آهي پر ڪائونسلر ضلعي ڪائونسل تي چونڊجڻ ڪا ايڏي وڏي ڏکي ڳالهھ ناهي ڇاڪاڻ ته اھا سڌي طرح عوام جي ووٽن تي اچي ٿي ۽ انھيءَ ۾ تمام ٿورن ووٽن تي اھا ڪاميابي ملي سگهي ٿي. هن دفعي سنڌ ۾ ڪافي جڳھن تان آزاد اميدوار ۽ سنڌ جي قومپرست جماعتن کي ڪجهھ وڌيڪ سيٽون ملڻ جا چٽا امڪان آهن پر ڪيترن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا اھو فيصلو اڄوڪي اليڪشن ۾ واضح ٿي ويندو. بلدياتي اليڪشن جو ھي پھريون مرحلو طئي ڪندو ته ٻئي مرحلي ۾ ووٽ جو ٽرينڊ ڇا ھوندو تنھن جي ڪري ھي اليڪشن سنڌ ۾ متبادل جي خواهش ۽ حقيقت کي پڻ نروار ڪندي.