حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري مولانا تاج محمد ناهيون پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت ۽ پ پ تي الزام هنيو آهي ته مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ پ پ ۽ سنڌ سرڪار وائڙائپ جو مظاهرو ڪندي جي يو آءِ جي اميدوارن ۽ حمايتن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي مٿن انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته تازو ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي يوسي 24 حاجي عبدالخالق سومرو تي چيئرمين جي اميدوار ماما عثمان سومرو، سندس اسماعيل سومرو ۽ ويجهي مائٽن تي پ پ جي مقامي ايم پي اي جي چرچ تي پوليس هڪ ئي ڏينهن 4 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن جيڪو عمل ساڻن ناانصافي آهي.پ پ سرڪاري مشينري استعمال ڪندي سندن اميدوارن کي هراسان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هو پاڻمرادو يونين ڪميٽين تان دستبردار ٿي وڃن. هن حيدرآباد اليڪشن ڪمشنر، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته شفاف پرامن چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي پ پ ۽ سنڌ حڪومت جي انتقامي ڪاررواين جو فوري نوٽيس وٺي جي يو آءِ جي اميدوارن خلاف داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪندا.