ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پورهئي واري وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني  مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي آهي ته مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط نه لکيو وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بار بار مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ سبب ڪراچي جي عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي، 15 جنوري تي مڪاني چونڊون نه ٿيون ته ڪراچي جا شهري وڌيڪ مايوس ٿي ويندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ۾ ٿيل  معاهدي تحت ٻنهي جماعتن ۾ ڪافي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، انهي ڪري   مڪاني چونڊون وڌيڪ التوا جو شڪار نه ڪيون وڃن،