اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪ بندين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت تڪ بندين خلاف ايم ڪيو ايم جي داخل درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته تڪن ۾ آبادي جو تناسب ساڳيو ناهي رکيو ويو، جتي ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿي اتي يونين ڪاميٽي 90 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي، جن علائقن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي، اتي يوسي 40 هزار آبادي تي ٻڌل آهي. پيپلز پارٽي جي وڪيل خالد جاويد موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن اهو دليل مڃيو وڃي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون تڪ بنديون ختم ٿي وينديون، قومي اسيمبلي جا ڪجهه حلقا 3 ۽ ڪجهه 9 لک آبادي تي مشتمل آهن، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا؟ ڇا اليڪشن ڪميشن تڪبندين مان مطمئن آهي؟ جنهن تي ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته تڪبندين جي قانون موجب تڪبنديون ڪيون ويون، تڪبنديون صوبائي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. ان موقعي تي فروغ نسيم عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ابتڙ موقف اختيار ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ تڪبندين جو اختيار اليڪشن کي ڏنو هو، سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف سنڌ مڪاني قانون 2013 ۾ ترميم ڪئي وئي،  2015 ۾ ڪيل ترميمون سپريم ڪورٽ جي 2014 جي فيصلي جي توهين آهي، تڪبندين ۾ فرق آئين جي آرٽيڪل 25، اليڪشن ايڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 25 جي کُلي ڀڃڪڙي آهي، تڪن ۾ فرق ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي ته جيئن پ پ پنهنجو ميئر چونڊرائي سگهي، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته سمورين ڌرين کي 15 آگسٽ تي ٻڌڻ بعد فيصلو ڪنداسين،  چونڊون 28 آگسٽ تي آهن، ان ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي ڪابه مهلت نه ڏني ويندي، ايم ڪيو ايم جي درخواست به خارج ٿي سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم جي درخواست رڳو شهري علائقن تائين محدود آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڪامياب نمائندن جي ڌر بڻجڻ واريو ندرخواستون منظور ڪندي معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 اگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.