مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو: ڪراچي ۾ 23 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي

0
398

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، في الحال ڪراچي ڊويزن ۾ پولنگ ڪرائي ويندي

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي ننڍي چونڊ جي حوالي سان ويچاريو ويو

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ 23 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي، حيدرآباد ڊويزن ۾ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي مڪاني چونڊ ڪرائڻ بابت غور ڪيو ويندو

اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 8تڪن تي ننڍي چونڊ جي به تاريخ تبديل ڪئي آهي، هاڻ 8 ئي تڪن تي پولنگ 9 آڪٽوبر بدران 16 آڪٽوبر تي ٿيندي

حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو موسم جِي صورتحال سان مشروط