ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سھتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ  سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت قانونسازي ڪرڻ ( نئون مڪاني قانون اچڻ) تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين پاران داخل ڪيل درخواستن تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد اڄ جمعي جي صبح جو 9.30 وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالھھ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين پاران داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، ايس يو پي جو سربراھه سيد جلال محمود شاھھ،  پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رابعه نظامي، ارسلان تاج ۽ ٻيا وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا. ڪالھھ ٻڌڻي دوران صوبائي اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن بابت رپورٽ پيش ڪئي ، جنھن تي متحده جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ جي ڪاپي اسان کي فراھم ڪئي وڃي تھ جيئن جو انهي جو جائزو وٺي جواب داخل ڪري سگھون.  ڊاڪٽر فروغ نسيم وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل  140 اي تحت  مڪاني ادارن کي مالي ۽ انتظامي خودمختياري ڏيڻ لازمي قرار ڏنو آھي، سنڌ ۾ موجوده مڪاني  قانون تحت ادارن کي آئيني اختيار ناھن، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارلياماني پارٽين تي ٻڌل سليڪٽ ڪاميٽي پڻ نئين قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪندي عدالت ۾ لکت ۾ بيان داخل ڪرايو آھي ته نئين قانون سازي تائين چونڊون ملتوي ڪيون وڃن،  ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پاڻ اعتراف ڪيو آھي تھ مڪاني ادارن واري قانون ۾ سڌارن جي ضرورت آھي ، جنھن تي جسٽس جنيد غفار پڇيو تھ سليڪٽ ڪاميٽي جي قانون سازي سان مڪاني چونڊن جو ڪھڙو تعلق آھي؟ عدالت  پڇيو ته سليڪٽ ڪاميٽي جي قيام کي ڪيترو وقت ٿيڻ باوجود توھان قانون سازي ناهي ڪئي، وري ھاڻي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاھيو ٿا، انهي ڪم ۾ سنڌ حڪومت به توھان سان گڏ آھي، جنهن تي متحده جي وڪيل چيو تھ اليڪشن ڪميشن جي  مڪاني ادارن جي تڪبندين واري قانون جو به جائزو ورتو وڃي، مڪاني ادارن جي تڪبندين ۾ وڏا مسئلا آھن. شھري علائقن ۾ 82  ھزارن تي يونين ڪاميٽي آھي، جڏهن ته ٻھراڙين ۾ 14 هزار آبادي تي يونين ڪائونسلون ٺاھيون ويون آھن، تڪبندين ۾ اختيار اورانگھيا ويا آھن، جنھن تي عدالت چيو تھ توھان مڪاني چونڊن کي چيلنج ڪرڻ واري  فيصلي ۾ دير ڇو ڪئي؟ سليڪٽ ڪاميٽي جي منٽس ۾ ايتري دير ڇو ڪئي؟ جنهن تي فروغ نسيم چيو تھ اھڙين تڪبندين سان مختلف طبقن جي نمائندگي متاثر ٿيندي آھي. ھن چيو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظھر جي سربراھي ۾ 2 رڪني بينچ به  2014ع ۾ چونڊن لان ٻه ڏينھن اڳ اليڪشن روڪي ھئي جنھن تي جسٽس جنيد غفار ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ھاڻي ته  حڪومت به توھان جي حمايت ڪري رھي آھي، جنھن تي متحده جي وڪيل چيو تھ حڪومت اسان جي ڳالھھ مڃي رھي آھي پر ان کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، اين اي 240 جي چونڊن ۾ ووٽرن کي پولنگ جي به خبر نھ ھئي، جنھنڪري ئي ٽرن آئوٽ گھٽ رھيو، ھن وقت تائين ووٽرز جي غير حتمي لسٽ آيل آھي. جڏھن اميدوارن کي خبر ئي نھ ھوندي تھ سندن ووٽ ڪھڙي يوسي ۽ وارڊ ۾ آھي تھ اھي فارم ڪيئن ڀريندا؟ جنھن تي عدالت چيو تھ گھڻو وقت گذري ويو آھي، جنھن تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو تھ مون کي دليل مڪمل ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ وڌيڪ گھرجي. ان موقعي تي ٻين ڌرين پڻ چيو تھ اسان بھ درخواست ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن تي عدالت چيو تھ ھاڻي ھن ڪيس ۾ ڪنھن کان ڌر بڻجڻ جي درخواست نھ وٺنداسين. جنھن بعد عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ  تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اھو موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ مڪاني ادارن کي آئيني اختيار ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ تائين چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ  کي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي،  اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا انتظام مڪمل آهن، بيلٽ پيپرز به ڇپجي چڪا آهن، مختلف ضلعن ۾ اليڪشني سامان اماڻڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته  مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي رهيا آهن، درخواستگذار ( متحده ) سميت سموريون سياسي پارٽيون اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، رپورٽ موجب تڪبندين واري  ڪاميٽين جا سربراهه ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر هئا،  سموريون تڪبنديون قانون موجب ڪيون آهن، اسان ڊي لميٽيشن اٿارٽي ٺاهي آهي، جنهن سموريون شڪايتون ٻڌي فيصلو ڪيو آهي،  سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو آگسٽ 2020ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي، 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ اسان جي آئيني ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سنڌ حڪومت سان اسان مارچ ۾ اليڪشن ڪيمشن جي مرڪزي آفيس ۾ ميٽنگ ڪئي هئي، سنڌ سرڪار جي مشاورت بعد ئي مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، تنهنڪري متحده  جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، عدالت کي استدعا آهي ته درخواست رد ڪئي وڃي.