مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت

0
190
سنڌ جا ٻه محسن ۽ سونهان

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو به خيريت سان مڪمل ٿي ويو آهي.جنهن سان سڄي سنڌ ۾ مڪاني نظام کي ڪم شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. توڙي جو انهن چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ ايترو سٺو نه هو پر اها بهتر ڳالهه ٿي ته ڪا وڏي گڙٻڙ نه ٿي نه ئي ڪنهن وڏي واقعي جو ڪو اطلاع مليو. باقي ننڍا ننڍا واقعا ۽ ٿوريون گهڻيون شڪايون رپورٽ ٿيون ۽ ڪجهه شڪايتن تي ته اليڪشن ڪميشن وقت تي ئي  قدم کڻي ازالو ڪيو.جنهن ڪري ڪراچي کان وٺي حيدرآباد ۽ باقي ضلعن ۾ خير خوبي ۽ امن امان سان ووٽنگ مڪمل ٿي وئي. توڙي جو ٻيو مرحلو گهڻي وقت کان مسلسل ملتوي ٿيندو رهيو ۽ ڪيترن تڪران جي ور چڙهندو رهيو، عدالتن کان وٺي اليڪشن ڪميشن تائين درخواستون به پهتيون ۽ ايئن لڳي رهيو هو ته شايد هن ڀيري به ڏنل وقت تي اليڪشن نه ٿي سگهي جنهن ڪري آخري وقت تائين غير يقيني برقرار رهي جنهن ڪري به وڏي تعدا ۾ ووٽ نه پيا جڏهن ته ڪجهه ڌرين حدبندين  تي پنهنجي خدشن ۽ اعتراضن سبب اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انهي بائيڪاٽ جا اثر ڏسڻ ۾ به آيا ۽ ووٽر گهٽ تعداد ۾ گهرن کان ٻاهر نڪتا، اهو سڀ ڪجهه هوندي چونڊون ٿي ويون ۽ اهي اهڙي ماحول ۾ ٿيون جنهن ۾ حصو وٺندڙ ڌرين مان ڪنهن به ڪي وڏا اعتراض نه ڪيا  جنهن سان عوام کي پنهنجي مڪاني مسئلن جي  حل لاءِ چونڊيل نمائندا ملي ويندا.

سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ مڪاني نظام سدائين تڪرارن جي ور چڙهيل رهيو آهي جمهوري نظام وانگر مڪاني نظام به پنهنجو تسلسل برقرار نه رکي سگهيو آهي ۽ وري  حڪمران پنهنجي منشا ۽ مرضي مطابق ان ۾ پسند جون تبديلون به ڪندا رهيا آهن جنهن ڪري ئي عوام تائين ان جو ثمر منتقل نه ٿي سگهيو آهي.هڪڙا حڪمران ان نظام کي ايترو مضبوط ڪندا رهيا آهن جو اهو صوبائي حڪومت جو ڄڻ ته متبادل بڻجي ويندو آهي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ مڪاني حڪومتن ۾ اختيارن جي ويڙهه شروع ٿي ويندي آهي جڏهن ته وري ٻيا حڪمران وري ان کي ايترو ڪمزور ۽ بي اختيار ڪري ڇڏيندا آهن جو مڪاني نظام ۾ چونڊجي آيل نمائندا پنهنجي اختيارن لاءِ ئي احتجاج ۾ پورا هوندا آهن جنهن ڪري اهي عوام جا بنيادي مسئلا پيئڻ جو صاف پاڻي،ڊرينيج ۽  گهٽين جي فرشبندي جامسئلا حل ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن.انهي ماحول ۾ شهر گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن۽ روڊن رستن تي گندو پاڻي هر شهر ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.مڪاني نظام جمهوري نظام جو بنياد چيو ويندو آهي جتان ئي مستقبل جي سياسي قيادت تيار ٿي نڪرندي آهي ۽ جمهوري روايتون  مضبوط ٿينديون آهن  پر اسان وٽ مڪاني چونڊون وقت تي نه ٿيڻ ڪري ۽ ان جو تسلسل برقرار نه رهڻ ڪري سياست ۾ به عدم برداشت، اڻسهپ ۽ مخالفت کي دشمني سمجهڻ وارا رويا جنم وٺندا آهن جيڪي رويا ملڪي سياست ۽ عوام لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن. ان ۾ سياسي ڌرين جو به پنهنجو ڏوهه آهي جيڪي پنهنجي ننڍن ننڍن سياسي مفادن لاءِ مڪاني نظام  کي تڪراري بڻائڻ کان نه مڙنديون آهن جنهن سان ماڻهو گهٽي پاڙي ۾ سهولتون مهيا ٿيڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا ۽ هيٺئين سطح تي قيادت پيدا ٿيڻ ختم ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي اليڪشن اهڙي آهي جنهن ۾ هر گهر تقريبن سڌ ي طريقي سان ملوث رهي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ سياست ۽ جمهوريت لاءِ مڪاني نظام جي اهم حيثيت آهي ۽ ان کي ئي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان قومي ۽ صوبائي اسيمبليون رڳو قانونسازي تائين محدود رهنديون جيڪو ئي انهن جو بنيادي ڪم آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتون وري پاڻي ،ڊرينيج ،فرشبندي ۽ گهٽين ٺاهڻ جهڙن مسئلن کان آجون هونديون جيڪو مڪاني نظام جو ئي بنيادي ڪم آهي. تنهن ڪري ڪهڙي به پارٽي يا پارٽيون مختلف ضلعن ۾ چونڊ کٽي اچن پر اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪنديون ۽ هن نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.