ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي جي سڄاڻ عورتن ۽ کدڙن فقيرن مطالبو ڪيو آهي ته اختيار هيٺيئن سطح تائين منتقل ڪري، مڪاني ادارن ۾ هر سطح تي عورتن جي  مخصوص ڪوٽا ۾ اضافو ڪري، عورتن جي سڌي ريت چونڊ لاءِ طريقيڪار طئه ڪري، قومي، صوبائي ۽ مقامي اسمبلين ۾ عورتن جي 33 سيڪڙو نمائندگي يقيني بڻائي وڃي، سمورين سياسي پارٽين ۾ کدڙن فقيرن کي شامل ڪري سندن ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي، ڪالهه عورت فائونڊيشن پاران ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ملڪه خان چيو ته سياسي پارٽيون عورتن کي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽون ئي نه ٿيون ڏين، جڏهن ته عورتن جي نمائندگي کانسواءِ سماجي برابري ممڪن ناهي، عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اليڪشن دوران عورتن، اقليتن، معذورن، توڙي کدڙن فقيرن جي پولنگ تائين رسائي ۾ به ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا، ڇوڪرين جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ باٿ روم جهڙي بنيادي سهولت به موجود ناهي، ثائنه علي چيو ته  مڪاني ادارن ۾ عورتون بهتر ڪم ڪري سگهن ٿيون پر عورتن کي انهي ۾ به صرف مخصوص ڪوٽا تي ئي آندو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن کي به جنرل سيٽن تي ٽڪيٽون ملڻ گهرجن، کدڙي فقير ايڊووڪيٽ نشاءِ رائو چيو ته ڪيترن کدڙن فقيرن جي شناختي ڪارڊ ۾کدڙو فقير بدران مرد لکيل آهي، اسپتال ۾ علاج لاءِ وڃون ٿا ته مرد چون ٿا ته عورتن واري وارڊ ۾ داخل ڪريو، عورتون وري چون ٿيون ته مردن واري وارڊ ۾ وڃو ، پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ قطار ۾ بيهون ٿا ته مرد تنگ ڪن ٿا، جڏهن ته عورتون قطار ۾ بيهڻ نه ٿيون ڏين، اسان سان سماجي ورتاءُ آخر ڪڏهن ٺيڪ ٿيندو؟ هن چيو ته سياسي پارٽيون اسان کي به اليڪشن وقت ٽڪيٽ ڏين، هن مطالبو ڪيو ته اقليتن، عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ٻارن جي حوالي سان ٺاهيل قانونن تي عمل ڪرايو وڃي.  پروگرام ۾  ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان  مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار مهوش، ثمرين ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ نيومي بشير ۽ ٻين ويچار ونڊيا .