ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندو، اجلاس لاءِ مجموعي طور تي 46 ايجنڊائون رکيون ويون آهن، اجلاس ۾ مڪاني ادارن کي آئين جي آرٽيڪل 140اي تحت وڌيڪ اختيار ڏيڻ واري بل جي منظوري، سنڌ صوبي ۾ خانگي وياج تي پابندي لڳائڻ، پورهيتن جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ صوبي ۾ سوشل سيڪيورٽي ڪورٽون قائم ڪرڻ،  پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  وارن ترقياتي منصوبن کي سيلز ٽيڪس،  بلوچستان  جي  ريڪوڊڪ منصوبي تان اسٽيمپ ڊيوٽي معاف ڪرڻ سميت 46 ايجنڊائن تي غور ڪيو ويندو.