لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته مڙس ۽ زال جي رشتي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن، اهو زندگي جو حصو آهي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شعيب ملڪ ثانيه مرزا کان ڌار ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. شعيب ملڪ ثانيه کان ڌار ٿيڻ جي افواهن تي چيو ته ثانيه ۽ منهنجو تعلق ٻن مختلف ملڪن سان آهي ۽ اڪثر مصروفيتن سبب گڏ نه هوندا آهيون. ثانيه مرزا پاران سوشل ميڊيا تي انفالو ٿيڻ جي سوال تي قومي رانديگر چيو ته اها سندس لاءِ به تازي خبر آهي، پر ائين هرگز ناهي، هن ان فالو ناهي ڪيو. شعيب ملڪ چيو ته دنيا جي هر ثقافت ۾ مڙس ۽ زال جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها ايندا آهن، اهو زندگي جو حصو آهي. ياد رهي ته شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي ڌار ٿيڻ جا افواهه سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ڏينهن کان گردش ۾ هئا.