مڙس پيسا نه ڏيندو هو، ڪيترائي مهينا بک تي ستي آهيان: ڪومل رضوي

0
604

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني گلوڪاره ڪومل رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته هو شادي کانپوءِ جڏهن عمان ۾ موجود هئي ته هن کي سندس مڙس جي رويي سبب ڪيترائي ڀيرا بک تي سمهڻو پيو، هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڇوڪريءَ شادي شده واري زندگي ۾ پاڻ کي بي يارومددگار سمجهي ته هن جو پڙهيل لکيل، مضبوط ۽ خودمختار معني نٿي رکي، ڪومل رضوي چيو آهي ته مان پنهنجي مڙس کي 6 سال برداشت ڪيو، هو ذهني طور تي بيمار هو ۽ مون تي تشدد ڪندوهو، هن چيو آهي ته شادي شده زندگي جي دوران ڪيترائي مهينا بک تي ستي آهيان، ڇو ته مڙس پيسا نه ڏيندو هو، ان وقت عمان ۾ رهندي هئس ۽ ڪو ڪم به نه ڪندي هئس..