مڙس زال کي سالگرهه تي 7 ڪروڙ جي ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي

0
477

دبئي (دلچسپ نيوز) مڙس زال کي سالگرهه تي 7 ڪروڙ جي ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ شخص زال کي مهانگو تحفو ڏئي حيران ڪري ڇڏيو، امجد ستارا نالي واپاري زال کي 22 هين سالگرهه تي مهانگي ۾ مهانگو تحفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جنهن بعد هن سندس لاءِ 6 ڪروڙ 90 لک رپين جي هڪ خوبصورت ۽ لگزري ڪار خريد ڪئي.

سالگرهه تقريب دوران جڏهن هن زال کي  اها قيمتي ڪار تحفي ۾ پيش ڪئي ته مهمان حيران ٿي ويا جڏهن ته زال لگزري ڪار تحفي ۾ ڏيڻ تي مڙس جو شڪريو ادا ڪيو.، ساهورا به خوش ٿي ويا، مهمانن مڙس جي زال سان محبت جي تعريف ڪئي ۽ کين مبارڪون پڻ ڏنيون.