مڙس زال لاءِ تاج محل جهڙو گهر تعمير ڪرائي ورتو

0
611
مڙس زال لاءِ تاج محل

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) مڙس زال لاءِ تاج محل جهڙو گهر تعمير ڪرائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر هربان پور ۾ آنند پراڪاش نالي شهري زال منجوشا لاءِ انوکو گهر تعمير ڪرايو، تاج محل واري نموني تي 4 بيڊرومز تي مشتمل اهو گهر ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيو

ان حوالي سان آنند پراڪاش جو چوڻ آهي ته انجنيئرن کي پهرين 80 فوٽ اوچو گهر تعمير ڪرائڻ لاءِ چيو پر اجازت نه ملي جنهن بعد تاج محل جو خيال آيو. گهر جي پکيڙ 90 چورس ميٽر تي مشتمل ۽ مينارن سان ڦهليل آهي.