ٽنڊوالھيار(رپورٽر) ٽنڊوالھيار شهر جي سومراڪالوني مان اغوا ڄاڻايل ناري صبا ٽن ٻارڙن سميت رات جو دير سان ٽنڊوالهيار پوليس کي ڪيريا شاخ  تي هٿ اچي وئي. ان موقعي تي صبا صحافين کي بيان ڏيندي چيو  ته مون کي ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو آئون پنھنجي گھر واري مبارڪ ٻاليشائي جي زيادتين جي ڪري گھران بيزار ٿي نڪتي آھيان. منھنجو مڙس مبارڪ علي مون تي تشدد ڪندو ھو، مار ڪٽ ڪرڻ سان گڏ غير مردن کي گھر ۾ وٺي ايندو ھو ۽ مون کي غير مردن سان ناجائيز لاڳاپن تي مجبور ڪندو ھو. منھنجو مڙس موالي ۽ نشي جو عادي آھي انھي کي نشي جي لاء پئيسن جي ضرورت جي ڪري مونکان غير مردن سان ناجائيز تعلقات رکڻ لاء مجبور ڪندو ھو جنھنجي ڪري آئون پنھنجا ٽي ٻارڙا وٺي گھران نڪري وئي آھيان ۽ پنھنجي دوست جي گھر رھان پئي پنھنجي رضا خوشي سان منهنجي مڙس منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس ٽنڊوالهيار جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي.