مڇي جي حملي ۾ متاثر مهاڻي جي ٻانهه مان ڪانٽو نڪري ويو

0
673

هونو لولو(دلچسپ نيوز)مڇي جي حملي ۾ متاثر مهاڻي جي ٻانهه مان ڪانٽو نڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست هوائي ۾ ڪينٽون گير جي ٻانهن جو آپريشن ڪامياب ٿي ويو. ٻانهن مان ڪانٽو نڪرڻ بعد مهاڻي جي زندگي بچي وئي جڏهن ته سندس صحت سڌرندڙآهي. ان حوالي سان ڪينٽون گير جو چوڻ آهي ته آئون 20 سالن کان مڇي جو شڪار ڪري رهيو آهيان پهريون ڀيرو مون تي حملو ٿيو. هن چيو ته مڇي کي وڏي ڪانٽي سان پڪڙي ٻيڙي ۾ آندو ته اوچتو هن حملو ڪري ڏنو، حملي سبب مڇي ڪانٽي مان نڪري وئي ۽ ڪانٽومنهنجي ٻانهن ۾ هليوويو. هن ڪوسٽ گارڊز جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوسٽ گارڊز بروقت منهنجي مدد نه ڪن ها ته آئون حياتي وڃائي ويهان ها.