مڇر ڪالوني واقعو: آءِ جي سنڌ جي ڪابينا ۾ طلبي: چيف جسٽس جو نوٽيس

0
1397

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني واري سانحي بابت بريفنگ لاءِ آءِ جي سنڌ کي هلندڙ اجلاس دوران سڏائي ورتو، جنھن اجلاس ۾ پھچي واقعي بابت بريفنگ ڏني آھي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇر ڪالوني واري سانحي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي

ھوڏانھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرن کي 6 لک 73 هزار 867 خيما ڏنا ويا آهن، 5 لک 45 هزار 12 ترپالون ۽ مڇردانيون به ڏنيون ويون، متاثرين ۾ راشن ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي

صوبائي وزير ڄام شورو چيو ته نومبر تائين 85 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويندو ۽ ڊسمبر تائين سمورو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن

ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان ٻن نوجوانن جي وحشياڻي قتل بعد پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري  آھي، وڌيڪ 12 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن

پوليس موجب گرفتار جوابدارن مان هڪ جوابدار جي 62 ورهين جي علي حسن طور سڃاڻپ ٿي آھي

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علي حسن وڊيو ۾ ھجوم کي روڪڻ بجاءِ مڇرائيندي نظر اچي رهيو هو، جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هيل تائين گرفتار ڪيل 54 شڪي جوابدارن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي