ٺٽو ( رپورٽر ) ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ مڇريل هجوم هٿان بي درديءَ سان قتل ٿي ويل ٺٽو واسي شهيد ايمن جاويد جي تڏي تي چوٿين ڏينهن به ان جي والد جھوني صحافي سيعد محمد جاويد ۽ ان جي ڀائرن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي ، پ پ جي اڳوڻي سينيٽر ۽ صوبائي اڳواڻ سسئي پليجو ٺٽو پهچي ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي جي شهيد ايمن جاويد جي والد سان تڏي تي تعذيت ڪري ساڻس ڏک ونڊيندي همدرديءَ جو اظهار ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي هن صحافين سان پڻ ڳالهائيندي چيو ته ايمن جاويد ۽ اسحاق پنھور وارو واقعو انتھائي ڏکائيندڙ آھي، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آھي ۽ مڇر ڪالوني واري واقعي تي سڄي سنڌ سوڳوار بڻيل آھي. ھن چيو تہ سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آھي، سنڌ ۾ اھڙا واقعا ٿيڻ افسوسناڪ جوڳو عمل آھي، اھڙن ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گھرجي هن چيو ته ايمن جاويد ۽ اسحاق پنھور سان انصاف ٿيڻ گھرجي. جڏهن ته هن اهو به چيو ته مڇر ڪالوني واقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آھي ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جون سخت ھدايتون ڪيون آھن ۽ واقعي تي سخت مذمت ڪئي آھي. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي گھارو جو اڳوڻو چيئرمين محمد عثمان ڪنڀار، تنوير پليجو، فاروق پليجو، گلزار پليجو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. هوڏانهن ٺٽي ۽ نوشهرو فيروز واسين شهيد ايمن جاويد ۽ شهيد اسحاق پنهور جو مفت ۾ڪيس وڙهڻ جي اعلان ڪندڙ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن وڪيل ثناءَ الله سومرو ۽ بئريسٽر عنايت علي ملڪاڻي پڻ ٺٽو پهچي شهيد ايمن جاويد جي والد صحافي سعيد محمد جاويد سان تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ۽ پڻ معلومات حاصل ڪئي هنن شهيد ايمن جاويد جي والد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هنن جي هر ممڪن ڪوشش هوندي ته اهو ڪيس دهشتگردي واري عدالت ۾ هلي ۽ سمورن جوابدارن کي سخت سزا ملي سگھي . ٻئي پاسي ضلعي اطلاعات آفيسر ٺٽو محفوظ علي سومرو پاران ڪراچي  مڇر ڪالوني واقعي ۾ شھيد ٿيندڙ انجنيئر محمد ايمن جاويد جي رھائش گاھ ٺٽي پھچي سندس والد سينيئر صحافي و ڪالم نگار ڊاڪٽر سعيد جاويد سان افسوس جو اظهار ۽ عذر خواھي ڪئي.