ڪينيڊا (انٽرسٽنگ نيوز) ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب ڪينيڊا جي علائقي سڊبري جي 24 سالن جي ريني پنهنجي فليٽ مان فاسٽ فوڊ شاپ تي وڃڻ لاءِ نڪتي پر جلد بازي ۾ گاڏيءَ جي چاٻي مٿي وساري آئي.  ريني کي جڏهن چاٻي وسارڻ جو احساس ٿيو ته هن پنهنجي دوست جيڪا هن جي گهر ۾ ئي هئي کي فون ڪري چاٻي مٿان هيٺ اڇلائڻ لاءِ چيو. سندس دوست فليٽ مان جڏهن چاٻي هن طرف اڇلائي ته هوءَ ڪيچ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ۽ چاٻي هٿ ۾ اچڻ بدران هن جي منهن تي وڃي لڳي ۽ هن جو چنهنب وارو حصو سندس چهري اندر گهري ويو. رپورٽن موجب اهڙو منظر ڏسي هن جي دوست ڊڄي وئي ۽ فوري طور تي ايمبولينس گهرائي هن کي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر فوري طور تي هن جو سي ٽي اسڪين ڪري پلاسٽڪ سرجن کي گهرايو. سي ٽي اسڪين مان خبر پئي ته چاٻي هن جي هڪ جي هيٺان نڪ جي اندروني هڏي ڏيڍ انچ اندر تائين هلي وئي آهي. پر پلاسٽڪ سرجن ڪامياب آپريشن ڪري چاٻي کي ريني جي چهري مان ڪڍي ورتو ۽ هاڻي اها مڪل صحتياب آهي.