مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ پرائمري استادن پاران پ ٽ الف جي اڳوڻي ضلعي صدر جي زرعي زمين تان بااثرن پاران زبردستي ٽريڪٽر ڪاهي وڃڻ ۽ متاثر ٿيل استاد جي فرياد نه ٻڌڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيد انارالدين شاهه، بشير کتري، الهڏنو سومرو ۽ قادربخش ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو آهي ته اڳوڻي ضلعي صدر پ ٽ الف قادربخش ٻگهيو جي زرعي زمين تي مبينا طور هٿياربند ماڻهن ڪاهه ڪري ڏنو ۽ هوائي فائرنگ ڪندي ٽريڪٽر ڪاهي فرار ٿي ويا هئا جنهن جي فرياد پوليس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، پوليس ٽريڪٽر ڪاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت گهري رهي آهي، هنن چيو ته تاجپور ۾ ڪريم بخش کوسو کي ڪجهه ماڻهن پاران موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن جي پڻ ڪا به پوليس رپورٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن اهو به چيو ته پوليس استادن کي به تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هنن چتاءُ ڏنو آهي ته استادن کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته اسان پنهجي تحريڪ هلائينداسون.