مٽياري (رپورٽر) پسند شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، نوجوان منشياد پٽ شريف خشڪ ويٺل 10 دري موري پاڻ کي ڇاتيءَ ۾ پسٽل جي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، سيکاٽ پوليس موجب نوجوان جي عمر 23 سال آهي ابتدائي طور مليل ڄاڻ ۾ خودڪشي جو ڪارڻ پسند جي شادي نه ڪرائڻ معلوم ٿيو آهي، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان جو لاش تحويل ۾ ورتو آهي جيڪو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.