مٽياري(رپورٽر) پبلڪ ھيلٿ مٽياري ۾ آر او پلانٽن تي ڪم ڪندڙ آپريٽرن 7 مھينن کان پگھارن جي بندش خلاف ايڪسئين پبلڪ ھيلٿ مٽياري جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاھري ۾ شامل آر او آپريٽرن جاويد ڪاڪا . محاذ ڀٽو . الطاف ابڙو . حبيب الله فراش . حاجي خان ملاح . علي گوھر شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جون 7 مھينن کان پگھارون بند لڳيون پيون آهن اسان غريب مسڪين آھيون اسان جو گذارو ئي انھي پگھار تي آھي 7 مھينن کان پگھار جي بندش سبب اسان سخت پريشان آھيون اسان جي گھرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي اسان تمام گھڻا پريشان آھيون مظاھرين جو چوڻ ھو تہ کي ھاڻي فوري طور تي پگھار نہ ڏني وئي تہ اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين ٻئي پاسي احتجاجي ڌرڻي وارن ملازمن سان ڳالهائيندي ايڪسئين پبلڪ ھيلٿ مٽياري اسلم ڏاھري کين ھڪ ھفتي اندر پگھارون جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنھن کان پوء مظاھرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.