مٽياري (رپورٽر) نيوسعيدآباد تعلقي جون 50 سيٽون هالا تعلقي ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ان ڏس ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جي ايس ٽي استادن تحريڪ اللھ اڪبر پ ٽ الف گسٽا ۽ سول سوسائٽي جي شمش الدين جمالي، قمرالدين فياض قائمخاني ، سيف الله ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، جتي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته تعليم کاتي مٽياري پاران پھرين 154 سيٽن جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو جو، جنھن بعد تعلقي  نيوسعيدآباد جون 50 پوسٽون گھٽائي تعلقي ھالا کي ڏنيون ويون آھن، جيڪا سراسر ناانصافي ۽ تعلقي نيوسعيدآباد جي اميدوارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آھي، جيڪو ڪنهن به صورت قبول ناهي، جيستائين اسان پنهنجو حق نه ملندو تيستائين اسانجو احتجاج جاري رهندو.