مٽياري  (رپورٽر) مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي مٽياري ضلعي ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آھن. ان سلسلي ۾ سيد امداد شاھ ڄاموٽ جي ڪوٽ تي يونين ڪائونسل جئندل ڪوٽ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻي جو مھمان خاص جي ڊي اي اڳواڻ سيد امداد شاھ ڄاموٽ ھو. سيد امداد شاھ ڄاموٽ جو چوڻ ھو ته سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ رھندڙ پارٽي خوشحال سنڌ کي ڇا ڏنو آھي اڄ امير سنڌ جي حالت اھا آھي جو ماڻھن وٽ کائڻ لاء اٽو وٺڻ جيتري طاقت ناھي سدائين روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ھڻندا آھن پر مان دعوا سان چوان ٿو ته نه ھنن جي ھٿ ۾ روٽي آھي نه ڪپڙو آھي ۽ نه ئي ھنن جي ھٿ ۾ مڪان آھي ماني جو ذمو الله پاڪ جو آھي باقي ڪپڙو ۽ گھر جيڪي سنڌين وٽ آھن اھي سڀني جي سامھون آھي جي ڊي اي اڳواڻ جو چوڻ ھو ته پير سائين پاڳاري جي پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سدائين سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي جنگ وڙھي آھي ھينئر به اوھان جي ڊي اي کي ڪامياب ڪري پڪ سمجھجو ته اوھان جو ووٽ ضايع نه ٿيندو سيد امداد شاھ ڄاموٽ ايل مھمانن کي اپيل ڪئي ته 15 جنوري تي تاري تي ٺپو ھڻي پنھنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل بچائڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ڪارنر گڏجاڻي کي يونين ڪاؤنسل جئندل ڪوٽ جي اميدوارن پڻ خطاب ڪيو