مٽياري (رپورٽر) مٽياري قومي شاھراھ تي ڪار ڪلٽي مان هٿ آيل منشيات واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل عورت ۽ مرد کي مٽياري جي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڪنزيومر ڪورٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد مسمات شاهين ۽ فدا حسين کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻنهي جوابدارن جي ڪورونا جون ٽيسٽون ڪرائڻ بعد کين جيل موڪليو وڃي، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تي هڪ تيز رفتار ڪار چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي هئي جنهن مان بعد ۾ مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ 10 کان 12 ڪٽا سوپارين جا هٿ آيا هئا، جنهن جو سرڪاري فرياد تي گناهه نمبر 73 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.