مٽياري )رپوٽر ) ضلعي جي 169 امام بارگاهن مان 8 انتهائي حساس، 23 حساس ۽ 138 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، يوم عاشورا تي پوليس سان گڏ، پاڪ فوج، رينجرس کي به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ محرم الحرام دوران ضلعي ۾ 169 هنڌن تان ماتمي جلوس بر آمد ٿيندا، 44 مجلسون برپا ٿينديون، مٽياري ۽ ڀٽ شاهه ۾ باهه تي ماتم پڻ ٿيندو، وڏن مجلسن، جلوسن جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويندي، ضلعي جي مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ نصب ڪيون وينديون، ان ڏس ۾ ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ پنهجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين محرم تي موبائل فون بند رکڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مين وڏين مجلسن ۽ جلوسن جي نگراني ڪرڻ لاءِ وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏ وڏن مجلسن ۽ باهه جي ماتم دوران واڪ ٿرو گيٽ نصب ڪري عزادارن کي داخلا اتان ڏني ويندي، هن چيو ته ضلعي ۾ عاشوري ڏهاڙي تي 2100 کان مٿي پوليس نفري مقرر ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏ پاڪ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي ۽ رينجرس کي به ضلعي مقرر ڪرڻ جو سيڪيورٽي پلان ۾ لکيو ويو آهي، ان کان علاوه ضلعي جي خارجي داخلي رستن تي به پوليس نفري مقرر ڪئي ويندي. ٻئي طرف محرم الحرام ايندي ئي ضلعي جي مختلف مين امام بارگاهن تي علم سوار ٿيڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو آهي، جنهن ڏس ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ پڻ مين امام بارگاهه حسينه سجاديه، ڪڇي پڙ، شاهه جي اوطاري سميت ٻين هنڌن تي علمن کي سوار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪالهه ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد پڻ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي جنهن پڻ مڪاني کاتن کي صفائي سٿرائي ۽ جلوسن جي روٽن تي اسٽريٽ لائيٽ، ضلعي ۾ سبيلون لڳائڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن.