مٽياري (رپورٽر) مٽياري پريس ڪلب اڳيان پبلڪ ھيلٿ مٽياري جي ناجائزين خلاف قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن مظاھرو ڪري انتظاميا تي شھر ۾ زھريلو پاڻي سپلائي ڪرڻ جو الزام  هنيو. ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران ماجد علي خاصخيلي . نعيم خاصخيلي . ظفر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پبلڪ ھيلٿ مٽياري جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا پاران ڪافي عرصي کان شھرين کي جر جو کارو ۽ زھريلو پاڻي ڏنو پيو وڃي زھريلي پاڻي جي واپرائڻ سبب ڪيئي شھري پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ڪيئي ڀيرا پبلڪ ھيلٿ انتظاميا کي شڪايتون ڪيون ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي چيو احتجاج ڪيا پر انتظاميا تي ڪوبہ اثر نہ پيو مظاھرين وزير اعلي سندھ سميت وس وارن کي مسئلي جو نوٽيس وٺي شھرين کي صاف پاڻي مھيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو