مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي شيخ محلا جي رهواسي سڪندر شيخ جو لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سکر ڪراچي ويندڙ ٻنهي روڊن تي سوين گاڏيون بيهجي ويون، وارثن ٻڌايو ته سڪندر شيخ کي ڪجهه ڏينهن اڳ برسات وارن ڏينهن ۾ ڪنهن زهريلي جيت يا نانگ وغيره ڪکي وڌو هو، جنهن جو علاج صحيح نه ٿيو جنهن ڪارڻ هو فوت ٿي ويو آهي، وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته تعلقي اسپتال مٽياري مان سيکڙاٽ ڊاڪٽر فرسٽ ائيڊ ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو هو، جيڪو فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو لاش گهر منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس به پئي ڏني وئي.