مٽياري ۾ جي يو آءِ سان مڪاني چونڊن لاءِ اتحاد: پيپلزپارٽي ٽن سيٽن تان هٿ کڻي وئي

0
316

مٽياري ۾ جي يو آءِ سان

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ٽائون ڪاميٽي ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي وچ ۾  چونڊ اتحاد قائم ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي پير سيد امير علي شاھ ھاشمي ۽ جميعت علماء اسلام ضلعي مٽياري جي امير حاجي سارنگ منگواڻو ۽ ٻين مٽياري ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي

پ پ اڳواڻ پير امير علي شاھ ھاشمي ڳالھائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ جي يو آئي کي وارڊ نمبر 5 تي ھڪڙي جنرل سيٽ ۽ 2 مخصوص سيٽون ڏنيو وينديون

هن چيو ته  پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي جي اتحاد سان چونڊن ۾ ڪاميابي بعد شھر کي ترقي ڏيارينداسين پير امير علي شاھ ھاشمي چيو ته پيپلزپارٽيءَ اميدوار وارڊ نمبر 5 تي جي يو آئي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻندو ۽ ٻہ مخصوص سيٽون پڻ ڏنيون وينديون

\پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي شھر جي ترقي چاھين ٿيون، ان موقعي تي حاجي پرويز ميمڻ،سيد امير شاھ، حافظ نٽار احمد، سيد غلام مصطفا شاھ، آصف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا