مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ٽائون ڪميٽي جي مختلف اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل جاري آهي  ھڪ اميدوار جون قانوني گھرجون پوريون نه ڪرڻ تي هڪ  فارم رد ڪيو ويو. ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن پاران اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ آر او ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سڪندر علي چنڙ پاران  اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي اميدوار اليڪشن آفيس مٽياري ۾ اسڪروٽني واري عمل  ۾ پنهنجي تجويز ۽ تائيد ڪندڙن سان گڏ پھتا اسڪروٽني واري عمل ۾ مختلف اميدوار سيد حسن شاھ ڄاموٽ، سيد سڪندر علي شاه، سيد زين عباس شاھ، سيد نور محمد شاھ، فيضان علي خاصخيلي ، علي مراد خاصخيلي، مير ڪاظم شاھ، غلام رسول ميمڻ سميت ڪيترائي اميدوار شامل ھئا اسڪروٽني جو عمل 19 جون تائين جاري رهندو،