مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ استادن جي ڀرتين تان پي ٽي الف اڳواڻ به سامھون اچي ويا آهن، تعليم کاتي جي آفيسرن تي 100 سيٽون ٻين تعلقن کي ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ان ڏس ۾ پي ٽي الف اڳواڻن سيد انار الدين شاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته مٽياري سان ظلم ڪري آفيسرن سياسي دٻاءُ ۾ اچي تعلقي جون سيٽون ٻين تعلقن کي ڏنيون آهن.هنن چيو ته تعلقي جي 457 اسڪولن مان 57 اسڪول بند آھن، 80 سيڪڙو پرائمري اسڪول ھڪ استاد تي ھلندڙ آھن، تعلقي ۾ استادن جي کوٽ آھي.هنن چيو ته ڊي اي او جي ميٽنگ ۾ غيرلاڳاپيل ماڻھو موجود ھئا، اسان کي تعلقي جون سيٽون نه مليون ته عدالت وينداسين.