مٽياري (رپورٽر) مٽياري پريس ڪلب آڏو پيرزاده محله جي برسات سبب متاثر ٻاچڙا برادري پاران گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن سماجي اڳواڻ سيد انارالدين شاھ ۽ متاثرين  بشيرٻاچڙو، عامرٻاچڙو،عثمان ٻاچڙو ، سليم ٻاچڙو، وڪيو ٻاچڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان ڏيڍ مهيني کان گرلس اسڪول ۾ قائم ڪئمپ تي ويٺا آهيون جڏهن ته اسان جا گهر ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مک پيرزادو محلي جي ڀرسان آهن جتان پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي اسان ڪئمپ تي ڏاڍا ڏکيا آهيون، ھنن ضلعي انتظاميا کان گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي اسانجي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته  جئين اسان پنهجي ٻچڙن سان گڏ گهرن ڏانهن وڃي سگهون.