مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، شهري علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن 12 کان 16 ڪلاڪ  بجلي بند ٿيڻ ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڪهر جي گرميءَ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر ٿي ويو آهي، سيکاٽ فيڊر تي قائم 300 کان مٿي ڳوٺن ۽ شهري علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کان تارون ڪرڻ سبب بجلي جي سپلائي بند پيل آهي. ايس ڊي او فون ئي بند ڪري ڇڏيو. مختلف هنڌن تي احتجاج به ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ ميمڻ ٽائون، صاحب سمان، سيکاٽ، بائوديرو،کيبر، شهمير جي وسين، اڏيرولال اسٽيشن ۽ ٻين هنڌ جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ان موقعي تي آفتاب، اصغر، مير محمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مٽياري واپڊا وارن ته حد ڪري ڇڏي آهي هڪ ته هيڏي لوڊشيڊنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي وري ڪٿي ٿوري به هوا لڳي ٿي فوري طور بجلي بند ڪئي ٿي وڃي ۽ وري هاڻ ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي بند رهڻ معمول بڻجي وئي آهي جنهن تي واپڊا وارا چون ٿا ته مٿان کان فورسلي طور فيڊر بند ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته سيکاٽ فيڊر هڪ ڏينهن کان بند پيل آهي جنهن تي 300 کان مٿي ڳوٺ ۽ چاليهه کان مٿي شهري علائقا آهن پر واپڊا وارا بجلي بحال ڪرڻ لاءِ ڪي قدم ئي کڻي رهيا آهن هنن الزام هنيو ته ايس ڊي او ته فون ئي بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ان جو نوٽيس ورتو وڃي. هوڏانهن واپڊا عملدارن جو چوڻ آهي ته سيکاٽ فيڊر تي ڪيترن ئي هنڌن تي تارون ڪريل آهين جن جي مرمت ڪئي پئي وڃي جلد ئي بجلي بحال ٿي ويندي.