مٽياري(رپورٽر) صوبائي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان پاران مٽياري ضلعي جي آئل ۽ گيس سوشل ويلفيئر فنڊز مان خريد ڪيل 8 جديد ايمبولنسز صحت کاتي مٽياري جي حوالي ڪيون ويون. ايمبولنسز 3 ڪروڙ 16 لک رپين جي لاڳت سان خريد ڪيون ويون آهن. ايمبولنسز صحت کاتي جي حوالي ڪرڻ لاءِ مختصر پروقار تقريب ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال مٽياري ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاء الله انڙ، ڊپٽي ڪمشنر سيد جواد مظفر، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر يار محمد کوسو، ايس ايس پي ڪليم ملڪ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن مطابق تعليم ۽ صحت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهن، هن صحت کاتي مٽياري کي هدايت ڪئي ته اهي عوام کي بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن، جلد ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو افتتاح ڪرڻ سان گڏ ضلعي مان پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پڻ اپاءَ ورتا ويندا، صحت جي حوالي سان غفلت ۽ لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان چيو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو ۽ موٽروي جو افتتاح به هو ئي ڪندو. هن چيو ته ضلعي جي عوام لاءِ اين آئي سي وي ڊي، مخدوم طالب الموليٰ ٽيچنگ اسپتال، پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو آهي جيڪا ضلعي جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري آهي. موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل بابت پڇيل سوال تي مخدوم محبوب الزمان چيو ته اسڪينڊل بابت انڪوائري هلي پئي، روينيو جي ڪجهه ملازمن کي سزائون پڻ ڏنيون ويون آهن، سنڌ حڪومت جو اينٽي ڪرپشن کاتو بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، جيڪي به هن اسڪينڊل ۾ ملوث آهن انهن کي سزائون ملنديون.