مٽياري کانپوءِ نوشهروفيروز ۾ موٽروي رٿا ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو

0
458

مٽياري کانپوءِ نوشهروفيروز ۾ موٽروي رٿا ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو

سنڌ حڪومت ڊي سي نوشهروفيروز تشفين عالم کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو، جاچ ڪميٽي قائم ڪري هفتي اندر رپورٽ طلب، ڪميٽي کي نوشهروفيروز ۾ موٽروي لاءِ زمين جي خريداري لاءِ جاري رقم ۾ مبينا گهوٻين ۽ رڪارڊ جي جاچ جي هدايت

وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن به سنڌ سرڪار کي خط لکي ڊي سي نوشهروفيروز کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي رپورٽ موجب ڊي سي نوشهروفيروز 4 ڏينهن کان غائب آهي، هُن موڪل بابت نه اڳواٽ اجازت ورتي ۽ نه ئي اطلاع ڪيو