مٽياري (رپورٽر) مٽياري پوليس پاران نصرپور چوڪ وٽ چيڪنگ دوران وڏي تعداد ۾ چرس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته چيڪنگ دوران ھڪ شڪي ڪرولا گاڏي کي روڪي چيڪنگ ڪئي وئي، جنهن مان وڏي تعداد ۾ چرس برآمد ٿيو، پوليس ھڪ جوابدار عصمت الله ولد حبيب الله پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته ٻيو جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس موجب ته جوابدار پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھو چرس ڪوئيٽا کان حيدرآباد سپلائي ڪرڻ وڃي رهيا ھئا.