مٽياري( رپورٽر) مٽياري ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف شڪايتن جو صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان نوٽيس ورتو، جنهن بعد بعد ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ کي بدلي ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن اڳ صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. هن گڏجاڻي ۾ اهو چيو ته ضلعي ۾ لڳل آر او پلانٽ غير فعال آهن ۽ برسات دوران به پبلڪ هيلٿ کاتي وارن پنهنجا فرض ٺيڪ سر انجام نه ڏنا آهن. جنهن تي هن انهن خلاف ڪارروائي لاءِ چيو جنهن بعد ايگزيڪيوٽو انجنيئر انور چنڙ کي هٽائي سندس جاءِ تي اسلم ڏاهري کي مقرر ڪيو ويو آهي.