مٽياري ( رپورٽر)  ٽائون ڪاميٽي مٽياري وارڊ نمبر 1 . 4 ۽ 7 تي اليڪشن وڙھندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن سيد نور محمد شاھ . محفوظ علي جماڻي ۽ فيضان خاصخيلي چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي سندن چوڻ ھو ته ٽائون ڪاميٽي مٽياري جي اليڪشن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون آهن آر او سميت پوري پولنگ عملي مخالف اميدوارن کان پئسا وٺي اسان کي ھٿ وٺي ھارايو آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ڳڻپ واري ٽائيم تي ڄاڻي واڻي پولنگ بوٿ ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن کي بند ڪيو ويو ھو ڳڻپ واري ٽائيم تي جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال شاھ ڄاموٽ پٽن ۽ ڪارڪنن سان گڏ پولنگ بوٿ جا دروازا ٽوڙي اندر داخل ٿي اسان جا ووٽ گم ڪيا پي پي اميدوارن جو چوڻ ھو ته اسان چونڊ نتيجا مڪمل طور رد ڪيون ٿا اسان جو مطالبو آھي ته ٽائون ڪميٽي مٽياري جي وارڊ نمبر 1. 4 ۽ 7 تي ٻيھر اليڪشن ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ اسان چونڊ نتيجن کي ڪورٽ ۾ چئلنج ڪنداسين.