مٽياري: ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

0
245

مٽياري: بندن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسي کان سوين گاڏيون بيهجي ويون

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ ڳوٺ ٻڏ ويا، نه پاڻي نيڪال ٿيو ۽ نه وري راشن ڏنو ويو، بند تي کليل آسمان هيٺ نڌڻڪا ٿي ويٺل آهيون

هنن چيو ته بيمارين وگهي اکين آڏو ٻارن کي مرندي ڏسي رهيا آهيون، سرڪار ۽ انتظاميا هنگامي بنيادن تي واهر ڪري

ميرو خان ۾ به ٻوڏ متاثرن جا واهر نه ٿيڻ خلاف عرضي ڀٽو چوڪ ۽ اي سي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا، جنهن سبب مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته يوسف ڪالوني ۽ گلشن آباد ۾ پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا راشن ۽ ٻيو سامان من پسند ماڻهن کي پئي ڏئي

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ باوجود پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار

لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثر ٽينٽ ۽ راشن سان ڀريل ٽرڪن تي ڪڙڪي پيا