مٽياري ويجهو ڪوچ ڪلٽي: 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي

0
304
مٽياري ويجهو ڪوچ ڪلٽي
مٽياري ويجهو ڪوچ ڪلٽي: 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي

مٽياري(رپورٽر) پنو عاقل کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ مٽياري ڀرسان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 کان مٿي مسافر سخت زخمي ٿي پيا

زخمين کي تعقلي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کين شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي،  زخمين ۾ تنوير، شاهد، آصف، راجيش ڪمار، عرفان، مسمات سرتاج، عامر، ساجد منير ۽ ٻيا شامل آهن

 پوليس موجب ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي جنهن سبب ڪلٽي ٿي پئي