مٽياري (رپورٽر) مٽياري جو نوجوان حيدرآباد مان لاپتا ٿي ويو آهي، ڏهه ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جو پتو نه پوڻ ڪري وارث پريشان آهن.ان ڏس ۾ حيدرآباد جي ٽئين نمبر تلاءَ وٽ درگاھ مصري شاھ ڀرسان رھندڙ 27 ورهين جو نوجوان علي محمد ولد منور شاھ ڏھن ڏينھن کان گم آھي لاپتا نوجوان جي وڏي ڀيڻ ريشمان زال سڪندر علي شاھ ميڊيا اڳيان داھيندي چيو ته ڏھ ڏينھن پھريان منھنجو ڀاءُ مزدوري سانگي گھران نڪتو جيڪو واپس نه آيو ڏھن ڏينھن کان سندس ڳولھا پيا ڪيون پر ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آھي عورت جو چوڻ ھو ته منھنجي ڀاءُ جو ذھني توازن ڪجھه درست ناھي ان ڪري اسان پريشان آھيون ته اسان جو ڀاءُ الائي ڪٿي ۽ ڪھڙي حالن ۾ ھوندو اسان الاھي پريشان آھيون وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي ڀاءُ جي ڳولھا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي