حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ايم 6 موٽر وي منصوبي ۾ 2 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار مٽياري جي معطل ڊپٽي ڪمشنر کي 7 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هيستائين اوهان کي ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ عملدار ٻڌايو ته مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي کان کين وڏي رقم هٿ آئي آهي ۽ رقم جي وصولي توڙي تفصيلي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ جوابدار سندن حوالي ڪيو وڃي. ڊي سي عدنان رشيد عدالت کي چيو ته پوليس کانئس ڪا به رقم هٿ نه ڪئي آهي، جڏهن ته سندس وڪيل ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن پوليس لينڊ اڪيوزيشن نيو سعيد آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي بنگلي تان ڇاپو هڻي رقم هٿ ڪئي جنهن سان ڊپٽي ڪمشنر جو ڪو تعلق نه آهي. عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته جوابدار 14 ڏينهن تائين اوهان جي تحويل ۾ رهيو. هاڻي سندس جسماني رمانڊ نٿو ڏئي سگهجي. اينٽي ڪرپشن جي صوبائي جي عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي عدنان رشيد کي 7 ڏينهن لاءِ سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.