مٽياري (رپورٽر) ايس ايس پي مٽياري ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي بدلي ڪري ڇڏيو، مٽياري ضلعي جي جاکري ٿاڻي تان ايس ايچ او بهادر جمالي کي سيکاٽ ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو، جاکري ٿاڻي تي لائين مان ايس ايچ او آفتاب ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايچ او سيکاٽ شاهه زمان چانڊيو کي لائين موڪلڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي.