مٽياري (رپورٽر)  مٽياري ۾ يوم شھداء جي حوالي سان شھيد پوليس اھلڪارن جي يادگار تي ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ . ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو . ڊي ايس پي سي آئي ذوالفقار لاشار . لائين آفيسر شمس الدين ڏھري گلن جي چادر چاڙھي فاتحہ خواني ڪئي. ان ڏس ۾ ضلعي جي 4 شھيد پوليس اھلڪارن شھيد اي ايس آئي حبيب الله ٻٻر . شھيد اي ايس ائي غلام قادر لغاري . شھيد ڪانسٽيبل حاجي خان جھيجو ۽ شھيد ڪانسٽيبل خير محمد رند جي روحن کي ايثال ثواب پھچائڻ لاء قران خواني جو اهتمام ڪيو ويو. ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جو چوڻ ھو تہ راھ حق جي شھيدن تي قوم فخر ڪري ٿي، شھيد پوليس اھلڪار عوام جي حفاظت لاء پنھنجي جان جو نذرانو ڏيندا آهن، ان ڪري انھن جو مقام سڀني کان مٿي آھي. ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ ھو تہ اسان کي شھيد پوليس اھلڪارن تي اسان کي فخر آهي ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ ھو تہ ھليڪاپٽر حادثي ۾ شھيد فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي پڻ سلام پيش ڪيون ٿا.