مٽياري (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پاران ٽنهي تعلقن اندر لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي ۽ ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سنڌ حڪومت پاران لڳايل لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ جتي به لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٽنهي تعلقن هالا ،نيوسعيدآباد ۽ مٽياري جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سختي سان هدايت ڏني آهي ته اهي سنڌ حڪومت جي آرڊر تي عمل ڪرائين، هن چيو ته ايس ايس پي کي لکيو آهي ته اهو سمورن ضلعي جي ايس ايچ اوز کي به لاڪ ڍائون تي عمل ڪرائڻ جا حڪم ڏي.