مٽياري (رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ ضلعي مٽياري ۽ سٽي مٽياري پاران ماجد خاصخيلي ، نعيم خاصخيلي ، ظفر خاصخيلي ،نانا عثمان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  مٽياري ضلعي جي اھم  مسئلن تي عوامي پارڪ مٽياري کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب مٽياري تي پھچي پريس ڪلب آڏو پر امن احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو اڳواڻن مظاھري دوران ڳالھائيندي چيو ته مٽياري ضلعي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪري شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ان سان گڏ مٽياري ضلعي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي بحال ڪيو وڃي ۽ اسپتال ۾ 30 فيصد مٽياري شھر جي بيروزگارن کي ملازمت تي لڳايو وڃي ۽ مٽياري شھر ۾ گندي پاڻي جون کڏون خالي ڪرائي  ڊسپوزل چالو ڪرايا وڃن ان کان علاوه سنڌ مان افغانين سميت ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي .