مٽياري(رپورٽر) مٽياري پوليس جي ليڊي ڪانسٽيبل سان زيادتي ۽ سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جي الزام هيٺ پوليس اهلڪار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مٽياري ۾ ليڊي پوليس اهلڪار جي غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ وارو معاملو سامهون آيو آهي،  حيدرآباد ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي پوليس سپاهي ياسمين جي فرياد تي هالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته ٻه سال اڳ آئون درگاهه ڀٽ شاهه تي ڊيوٽي ڪندي هيس هتي مرد اهلڪار به مقرر هئا، جن مان يوسف ٻلال پوليس نالي اهلڪار مونکي ڊيوٽي تان واپسي ويندي زبردستي پستول جي زور تي اغوا ڪيو،  ۽ مونکي چانهن ۾ نشو ڏئي زيادتي ڪئي.  منهنجي هوش ۾ اچڻ بعد هن مونکي ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته تنهنجي وڊيو مون وٽ آهي جيڪڏهن ڪنهن کي دانهن ڏني ته اها وڊيو آئون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندس. ڊپ سبب مون اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪئي ۽ ضلعي مٽياري مان پنهجي بدلي ڪرائي حيدرآباد هلي ويس. هن وقت پنهجي مٽ مائٽن سان صلاح ڪرڻ بعد هالا ٿاڻي تي پهچي فرياد ڪيان ٿي، جنهن بعد ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ فوري طور ليڊي پوليس اهلڪار جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد هالا پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار پوليس اهلڪار يوسف ٻلال کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پوليس ڪانسٽيبل ياسمين جي وڊيو وائرل ٿي هئي.