مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي  2 / 2 سال سزا ٻڌائي ڇڏي، ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي ماڊل ڪورٽ ۾ سيکاٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل جهيڙي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مامي جي فرياد تي داخل ٿيل ڪيس ۾ ٻن ڀاڻيجن پرويز ڪلهوڙو ۽ طفيل ڪلهوڙو کي ٻه ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ياد رهي ته سال 2017 ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو هو جنهن تان مامي جمن ڪلهوڙو ڀاڻيجن مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو، سزا آيل پرويز ۽ طفيل جو چوڻ هو ته اسانجو مامي سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن ڪيس ۾ اسان اپيل ڪئي هئي جيڪا رد ٿي وئي.