مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي جو  سياسي سماجي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه مرحوم رسول بخش پليجي جو ويجھو ساٿي انيس خاصخيلي بيماري سبب پنهنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويو آهي. انيس  خاصخيلي جي وفات جو مٽياري جي سياسي سماجي تنظيمن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سندس جنازي نماز مٽياري جي ڄاموٽ پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي  مرحوم جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي جنازي نماز ۾  علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن ۽   شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.