مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي جو سينئر سياستدان ۽ ساند برادري سنڌ جو اڳواڻ حاجي غلام نبي ساند لاڏاڻو ڪري ويو آهي. حاجي غلام نبي ساند ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس وارثن موجب حاجي غلام نبي ساند ڪجهه ڏينهن کان بيمار هيو کيس ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو آهي، سندس جنازي نماز مٽياري ڀرسان الهڏنو ساند ۾ ادا ڪئي ويندي